ڪتاب جي تصوير

ڪتاب جي تصوير

پاڪستاني ادب

پاڪستاني ادب ( انتخاب افسانه- سندهي ):اڪادمي ادبيات پاڪستان جي ڪتابي سيريز ” پاڪستاني ادب “ جو هي ڪتاب چونڊ سنڌي ڪهاڻين تي مشتمل آهي ، جنهن کي ڊاڪٽر ادل سومري ترتيب ڏنو آهي . 1947ع کان 2008ع تائين لکيل مختلف ڪهاڻيڪارن جون 161 ڪهاڻيون شامل آهن . ڪتاب ۾ ’پنهنجي پاران ‘ ۾ فخر زمان جا ويچار آهن ، جڏهن ته ’مختصر سنڌي ڪهاڻي تي هڪ نظر ‘ جي عنوان هيٺ ڊاڪٽر ادل سومري جو جائزو پڻ شامل آهي . هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو 2010ع ۾ اڪادمي ادبيات پاڪستان پاران ڇپايو ويو آهي . ڪچي جلد سان ڊيمي سائيز جي هن ڪتاب ۾ 591 صفحا آهن ۽ قيمت 610 روپيا آهي .


لفظ پاڪستاني ادبھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو